تهران( ويب نيوز) ايراني نائب صدر محمد رضا عارف چيو آهي ته آمريڪي معيشت کي ايندڙ مهينن دوران سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، تنهنڪري آمريڪي شهرين کي پيٽرول ۽ ٻارڻ جو ذخيرو ڪرڻ تي غور ڪرڻ گهرجي.
محمد رضا عارف چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ايران خلاف ڪا نئين اڳرائي ڪئي ته تهران طرفان ان جو سخت ۽ اثرائتو جواب ڏنو ويندو.
ايراني نائب صدر موجب ايران پنهنجي سيڪيورٽي ۽ دفاعي نظام کي وڌيڪ جديد ۽ مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪنهن به امڪاني حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
هن خبردار ڪيو ته آمريڪي جارحيت جي صورت ۾ ايران جو ردعمل اهڙو هوندو، جيڪو اڳرائي ڪندڙ ملڪ لاءِ به سلامتي جا سنگين مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو.
محمد رضا عارف وڌيڪ چيو ته آمريڪي معيشت لاءِ ايندڙ وقت آسان نظر نٿو اچي، ان ڪري آمريڪين کي پيٽرول ۽ ٻين ٻارڻن جي مناسب ذخيري بابت اڳواٽ سوچڻ گهرجي.


