ٽنڊو محمد خان ۾ ڪارروائي، اڳوڻي جج کي منشيات سوڌو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

2 Min Read

ٽنڊو محمد خان ( ( رپورٽ: امتياز مڱريو ) ٽنڊو محمد خان۾ ٿيل هڪ پوليس ڪارروائي نه رڳو مبينا منشيات ۽ تمباڪو شين جي غيرقانوني ڪاروبار کي سامهون آندو، پر هڪ اڳوڻي عدالتي آفيسر جي گرفتاري سبب هي معاملو وڌيڪ اهم بڻجي ويو آهي۔

پوليس موجب حيدرآباد باءِ پاس تي معمول جي چڪاس دوران هڪ شڪي گاڏي کي روڪيو ويو۔ تلاشي دوران گاڏي مان مين پوري تيار ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان، مختلف ڪيمياوي شيون ۽ هڪ پسٽل هٿ آيو۔

پوليس موجب گاڏي ۾ چار ماڻهو سوار هئا، جن ۾ اڳوڻو سول جج زاهد حسين مغيري پڻ شامل هيو، گرفتار ٿيل ٻين مبينا جوابدارن ۾ ساجد لاشاري، بلاول سومرو ۽ منير ملاح شامل آهن.

رپورٽن موجب زاهد حسين مغيري اڳ ۾ عدالتي خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ کيس بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران مس ڪنڊڪٽ جي الزامن هيٺ ملازمت تان برطرف ڪيو ويو هو.

هاڻي سندس نالو اهڙي معاملي ۾ اچڻ سبب سوشل ميڊيا ۽ عوامي حلقن ۾ وڏي بحث شروع ٿي وئي آهي۔

پوليس دعويٰ ڪري ٿي ته  جوابدار حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان ڏانهن سامان منتقل ڪري رهيا هئا۔ واقعي کان پوءِ بي سيڪشن پوليس پاران منشيات ۽ هٿيارن بابت قانون تحت ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت چئني جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي نارا جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس هاڻي اها جاچ ڪري رهي آهي ته هٿ آيل سامان ڪٿي استعمال ٿيڻ وارو هو، ڇا ان جي پٺيان ڪو منظم نيٽ ورڪ موجود آهي، ۽ ڇا وڌيڪ ماڻهو به هن معاملي ۾ شامل آهن يا نه۔

ڪجهه ماڻهو هن ڪارروائي کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي ڪاميابي قرار ڏئي رهيا آهن، جڏهن⁠تہ ٻيا چون ٿا ته مڪمل جاچ ۽ عدالتي ڪارروائي کان اڳ ڪنهن به نتيجي تي پهچڻ مناسب نه هوندو۔

قانوني اصول موجب، ڪنهن به شخص کي عدالت مان ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين صرف جوابدار سمجهيو ويندو آهي۔

Share This Article
Leave a Comment