تهران: ايران جي پاسدارانِ انقلاب اردن ۾ موجود آمريڪي فوجي جهازن جي مبينا نشاندهي بابت سيٽلائيٽ تصويرون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
ايراني ميڊيا موجب، جاري ڪيل سيٽلائيٽ تصويرن ۾ اردن جي موفق السلطي ايئر بيس تي واقع اهي هينگر ڏيکاريا ويا آهن، جتي آمريڪي ايف-35 ويڙهاڪ جهاز موجود هئا.
پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي جوابي حملن دوران اهي هينگر تباهه ڪيا ويا.
پاسدارانِ انقلاب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته “سينسرشپ ختم ڪريو ۽ دنيا کي درست معلومات فراهم ڪريو.”
هوڏانهن مصر دمياط بندرگاهه تي حملي جو الزام ايران تي مڙهڻ بابت هلندڙ خبرن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.
مصري سُڌ سماءَ واري وزير چيو آهي ته دمياط بندرگاهه تي حملي بابت ميڊيا ۾ هلندڙ رپورٽون بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهن.


