حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل وري مهانگو ڪري ڇڏيو

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت هڪ ڏينهن جي گهٽتائي کان پوءِ ٻيهر پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

.پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 1 رپيو 9 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.  هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 42 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي.

 واڌ کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت: 336 رپيا 15 پئسا في ليٽر  ۽ ڊيزل جي نئين قيمت: 394 رپيا 4 پئسا في ليٽر  ٿي وئي، نوٽيفڪيشن موجب، اهي نيون قيمتون 31 جولاءِ کان لاڳو هونديون

ان کان اڳ اوگرا جي چيئرمين چيو هو ته پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون سنگاپور مارڪيٽ جي اگهن جي بنياد تي طئي ڪيون وڃن ٿيون.

Share This Article
Leave a Comment