پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز ٽيسٽ سيريز جي ٽرافي جي مهورت

1 Min Read

سان فرنينڊو: پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ سيريز جي ٽرافي جي باضابطه مهورت ڪئي وئي.

ٽرافي جي مهورت پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪپتان روسٽن چيس گڏجي برائن لارا ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڪئي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ 25 جولاءِ کان شروع ٿيندي، جنهن لاءِ ٻنهي ٽيمن تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

برائن لارا ڪرڪيٽ اڪيڊمي ٽرينڊاڊ ۽ ٽوباگو ملڪ جي ٽاروبا شهر ۾ واقع آهي، جيڪو سان فرنينڊو شهر جي ويجهو ڏکڻ ٽرينڊاڊ ۾ آهي.

هي عالمي معيار جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۽ اڪيڊمي آهي، جتي بين الاقوامي ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي-20 ميچون منعقد ٿينديون آهن.

Share This Article
Leave a Comment