پاڪ آسٽريليا ون ڊي سيريز لاءِ ميچ آفيشل جو اعلان

2 Min Read

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ون ڊي انٽرنيشنل سيريز 30 مئي کان 4 جون تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي.

سريلنڪا جو گريم لا بروئي ٽنهي ون ڊي انٽرنيشنل ميچن ۾ ميچ ريفري جا فرض انجام ڏيندو.

آءِ سي سي ايلٽ پئنل ۾ شامل احسن رضا، رچرڊ ڪئٽلبرو ۽ ڪمار ڌرماسينا سيريز ۾ آن فيلڊ امپائرنگ جا فرض انجام ڏيندا.

راولپنڊي ۾ 30 مئي تي پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ ڪمار ڌرماسينا سان گڏ آصف يعقوب آن فيلڊ امپائر هوندو جيڪو آءِ سي سي امرجنگ امپائرز پئنل جو حصو آهي.

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ 2 جون تي ٻي ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ فيصل خان آفريدي ۽ رچرڊ ڪئٽلبرو آن فيلڊ امپائرنگ ڪندا، فيصل خان آفريدي آءِ سي سي انٽرنيشنل پئنل آف امپائرز جو رڪن آهي.

آءِ سي سي انٽرنيشنل پئنل جو رڪن ناصر حسين ٽِين ون ڊي ۾ فورٿ امپائر جا فرض انجام ڏيندو.

لاهور ۾ 4 جون تي ٽِين ۽ آخري هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ احسن رضا ۽ ڪمار ڌرماسينا آن فيلڊ امپائرز هوندا.

آءِ سي سي انٽرنيشنل پئنل جو رڪن ناصر حسين ٽِين ون ڊي ۾ فورٿ امپائر جا فرض انجام ڏيندو.

Share This Article
Leave a Comment