پاڳارو فضل الرحمان ملاقات، پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي آهي.

 ملاقات دوران سيد صدر الدين راشد راشدي، راشد محمود سومرو، معظم عباسي، راشد شاهه راشدي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

ملاقات دوران سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال تي ويچاريو ويو. ذريعن موجب پير پاڳاري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات دوران مستقبل ۾ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن ٻڌائن ٿا ته ملاقات دوران سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ٽڪ ٽائم ڏيڻ لاءِ گڏجي حڪمت عملي تي به ويچاريو ويو.

ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته عوام مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي پر حڪمران غفلت جي ننڊ ستل آهي، عوامي مسئلن جي حل لاءِ به گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪيو ويو.

مولانا راشد محمود سومري موجب جي يو آءِ پاران مارچ 2027 ۾ عالمي امن اجتماع ۾ پير پاڳاري کي شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪري ورتي ۽ مڪمل سهڪار جي به خاطري ڪرائي.

ملاقات دوران ملڪ جي معاشي نظام، خاص طور آبادگارن، زميندارن ۽ هارين کي پيش ڏکيائن تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو.

ٻنهي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته عام ماڻهو اهڙي ريت مهانگائي جي بار هيٺان دٻيل آهي، مهانگائي برقرار رهي ته عام ماڻهو ۾ ڏڦير ٿي سگهي ٿو.

ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته سياسي ڪارڪن شائستگي ۽ اخلاقيات جو دامن نه ڇڏين.

Share This Article
Leave a Comment