ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين محمد وسيم چئن سالن جو مدو مڪمل ڪرڻ بعد اڄ باضابطه طور تي ريٽائرڊ ٿي ويو، جنهن بعد رضوان احمد کي وقتي چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.
مستقل چيئرمين لاءِ ڪيترائي نالا غور هيٺ آهن، جن ۾ ڪجهه ڪميشن جا موجوده ميمبر ۽ ڪجهه اڳوڻي آفيسر جيڪي تازو ئي ريٽائرڊ ٿي ويا آهن.
ذريعن موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مستقل چيئرمين لاءِ اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊاڪٽر امير شيخ، اي ڊي خواجه جا نالا غور هيٺ آهن.
ان کان علاوه پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبرن ۾ رضوان احمد، غفران ميمڻ، اڳوڻي چيف سيڪريٽري عثمان چاچڙ، اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي نياڻي ناهيد دراني ۽ ٻيا نالا به گردش هيٺ آهن.
في الحال رضوان ميمڻ کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو مستقل مقرري ٿيڻ تائين ذميواريون نڀائيندو.


