ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ڪراچي لاءِ مالي وسيلن جي ورڇ کي سخت ناانصافي قرار ڏيندي چيو آهي ته گذريل 18 سالن دوران سنڌ کي ملندڙ 22 هزار ارب رپين مان ڪراچي کي رڳو 680 ارب رپيا ڏنا ويا، جيڪو مجموعي رقم جو 3 سيڪڙو به نٿو بڻجي.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي ملڪ ۽ صوبي جي معيشت ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو ڏيندڙ شهر آهي، پر ان سان مسلسل مالي ناانصافي ڪئي پئي وڃي.
هن دعويٰ ڪئي ته هلندڙ مالي سال ڪراچي کي 263 ارب رپيا ڏنا ويا، جڏهن ته سنڌ جي آمدني جو 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ پاڪستان جي مجموعي قومي آمدني جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو ڪراچي مان حاصل ٿئي ٿو.
وفاقي وزير چيو ته اصل مسئلو وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ آهي. هن چيو ته 2010ع کان اڳ وفاق ڪراچي کي آڪٽروئي ۽ ضلعي ٽيڪس ختم ٿيڻ جي بدلي جنرل سيلز ٽيڪس مان سڌو حصو ڏيندو هو، پر ستين اين ايف سي ايوارڊ کانپوءِ اها رقم صوبن حوالي ڪئي وئي، ان واعدي سان ته لاڳاپيل ضلعن کي سندن حصو ڏنو ويندو.
مصطفيٰ ڪمال الزام لڳايو ته سنڌ حڪومت وفاق کان اهي فنڊ ته حاصل ڪري رهي آهي، پر ڪراچي کي ان جو جائز حصو نٿي ڏنو وڃي.
ايم ڪيو ايم جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن 2010ع کان اڳ وارو فارمولو برقرار رهي ها ته هلندڙ مالي سال ۾ ڪراچي کي اٽڪل 270 ارب رپيا سڌو ملي سگهن ها، جڏهن ته گذريل سالن دوران شهر کي مجموعي طور اٽڪل 2 هزار ارب رپيا ملي چڪا هجن ها.
وفاقي وزير چيو ته اهو معاملو ڪو سياسي نعرو يا چونڊ مهم ناهي، پر ڪراچي جي مالي حقن جو دستاويزي ۽ آئيني مسئلو آهي. هن چيو ته وسيلن جي منصفاڻي ورڇ نه رڳو ڪراچي پر پاڪستان جي معيشت لاءِ به اهم آهي. هن چيو ته هڪ وفاق، چئن صوبن جو نظام هاڻي نٿو هلي سگهي.


