Focus with Zardari

پنوعاقل: 11 ڏينهن کان گم نوجوان جو لاش ڪمند جي فصل مان هٿ

1 Min Read

پنوعاقل (رپورٽ: منشاد احمد) پنوعاقل ۾ 11 ڏينهن کان گم نوجوان راضل عرف برڪت ڪلهوڙو جو سِر ڪپيل لاش هڱورو ڀرسان ڪمند جي فصل مان هٿ آيو آهي. نوجوان ڳوٺ امير بخش ڪلهوڙو جو رهواسي هو ۽ سانگي ٿاڻي جي حد مان گم ٿي ويو هو.

اطلاعن موجب، نوجوان جي لاش سان گڏ جسم جا ڪجهه ٽڪرا پڻ هٿ آيا آهن، جن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.

ٻئي پاسي وارثن شڪ ظاهر ڪيو آهي ته نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ڪمند جي فصل ۾ اڇلايو ويو.

نوجوان جي موت جا اصل ڪارڻ ۽ واقعي بابت وڌيڪ تفصيل اڃا سامهون نه اچي سگهيا آهن، جڏهن ته حقيقتون جاچ کانپوءِ واضح ٿي سگهنديون.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment