ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ: نظام چانڊيو) ٽنڊو غلام حيدر ويجهو مين حيدرآباد-بدين روڊ تي ڊوڪياه واهه موري بس اسٽاپ ڀرسان ڏندو روڊ وٽ تيز رفتار ڪار روڊ ڪناري گاڏيءَ جي انتظار ۾ ويٺل مسافرن مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ پٽ سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
حادثي ۾ فوت ٿيلن جي سڃاڻپ هڪ ورهين جي ڊبلو ڪولهي ۽ سندس 35 ورهين جي امڙ سيما ڪولهي طور ڪئي وئي. زخمين ۾ سنيتا، والجي ۽ جيوڻ ڪولهي شامل آهن.
فوتين جا لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ٽنڊو غلام حيدر منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٽنڊو غلام حيدر پوليس ڪار کي ڊرائيور سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.


