اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اوگرا ۽ توانائي وزارت جي انگن اکرن تي ٻڌل هڪ تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستاني عوام پيٽرول جي هر ليٽر تي لڳ ڀڳ 145 رپيا ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي.
مشاورتي اداري ماؤنٽين وينچرز جي تجزيي موجب، پيٽرول جي في ليٽر قيمت (414.78 رپيا) جو 34.8 سيڪڙو حصو رڳو سرڪاري ٽيڪسز ۽ ليوي تي ٻڌل آهي.
رپورٽ موجب، پيٽرول جي اصل لاگت 246.76 رپيا آهي، جڏهن ته ان تي 117.41 رپيا پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي، 24.35 رپيا ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 2.50 رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي وصول ڪئي پئي وڃي.
ٻئي طرف، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت جو 18.4 سيڪڙو حصو ٽيڪسز تي ٻڌل آهي، جنهن جو مطلب آهي ته پيٽرول واپرائيندڙ عوام تي ڊيزل جي مقابلي ۾ ٻيڻو ٽيڪس لاڳو آهي.
مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ ڊيلرز جي ڪميشن به في ليٽر 23 رپين کان وڌيڪ آهي، جنهن ڪري عام واهپيدار سخت معاشي دٻاءُ جو شڪار آهن.

پيٽرول جي قيمت جو 35 سيڪڙو حصو رڳو ٽيڪسز ۽ ليوي تي ٻڌل آهي: رپورٽ
Leave a Comment Leave a Comment

