پنڪي پروٽوڪول اسڪينڊل: ايس ايس پي سائوٿ کان جاچ واپس

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي بدنام منشيات فروش انمول عرف پنڪي کي عدالت ۾ پيشي دوران پروٽوڪول ڏيڻ واري معاملي تي پوليس کاتي ۾ ٿرٿلو متل آهي.
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پاران ايس ايس پي سائوٿ کي جاچ تان هٽائي، ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان بلوچ کي نئون انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو باقاعدي نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
ايڊيشنل آءِ جي موجب، عرفان بلوچ ان ڳالهه جي جاچ ڪندو ته هڪ خطرناڪ جوابدار کي عدالت ۾ بنا هٿڪڙي پيش ڪرڻ ۽ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي.
نئين انڪوائري آفيسر کي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ته جيئن غفلت ڪندڙ آفيسرن خلاف سخت ايڪشن کڻي سگهجي.
ياد رهي ته پنڪي جي قبضي مان ڪروڙين روپين جي منشيات هٿ آئي هئي، پر عدالت ۾ سندس بي خوف انداز ۽ پوليس جي مبينا ملي ڀڳت تي عوامي سطح تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پئي ويو.

Share This Article
Leave a Comment