پي ايس ايل، راولپنڊي پنڊيز شڪست جو بت توڙي ڇڏيو، پهرين ڪاميابي

1 Min Read

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 34هين ميچ ۾ راولپنڊيز شڪستن جو سلسلو ٽوڙي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي پنهنجو پهريون ميچ کٽي ورتو۔

نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ راولپنڊيز ٽاس کٽي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني۔

اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 137 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي۔ ڊيوون ڪونوے 40، ڪرس گرين 29 ۽ مارڪ چيمپين 23 رنز ٺاهي نمايان رهيا۔

راولپنڊيز جي طرفان محمد عامر، ڊين فوريسٽر ۽ سعد مسعود 2، 2 جڏهن ته آصف آفريدي، نسيم شاهه ۽ ڊيرل مچل هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي۔

راولپنڊيز 138 رنز جو هدف 18.1 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري 6 وڪيٽن سان ڪاميابي حاصل ڪئي۔

راولپنڊيز جي طرفان ڪپتان محمد رضوان 45 رنز ٺاهيا، جڏهن ته ڊيرل مچل 32 ۽ ڊين فوريسٽر 13 رنز ٺاهي نمايان رهيا۔

واضح رهي ته پي ايس ايل ۾ نئين شامل ٿيل راولپنڊيز ٽيم هن کان اڳ هڪ به ميچ نه کٽيو هو، جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽيڊ 9 پوائنٽن سان ٽئين پوزيشن تي موجود آهي۔

Share This Article
Leave a Comment