اربين ڊالرز جي ڪمپني ۽ پاڪستاني نوجوان جي ڪهاڻي

3 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) عالمي ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ پاڪستاني نوجوان ڌاڪو ڄمائي ورتو، ايلون مسڪ جي ڪمپني صالح آصف جو اسٽارٽ اپ 60 ارب ڊالرز ۾ خريد ڪرڻ لاءِ تيار

دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) جي شعبي ۾ هڪ وڏي پيش رفت ڪندي، پاڪستاني نوجوان صالح آصف جي ڪوڊ جنريشن اسٽارٽ اپ ’ڪرسر کي 60 ارب ڊالرز ۾ خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪري ورتو آهي.

معاهدي جا اهم تفصيل

اسپيس ايڪس پاران جاري ڪيل پڌرنامي موجب، ڪرسر انتظاميه اسپيس ايڪس کي اختيار ڏنو آهي ته هو هلندڙ سال ڪنهن به وقت ڪمپني کي 60 ارب ڊالرز ۾ خريد ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن اسپيس ايڪس خريداري جو اختيار استعمال نه ڪيو، ته هو گڏجي ڪم ڪرڻ عيوض ڪرسر کي 10 ارب ڊالرز ادا ڪندي. هن ڀائيواري جو مقصد ڪرسر جي ڪوڊنگ جي مهارت ۽ اسپيس ايڪس جي سپر ڪمپيوٽرز کي ملائي دنيا جا جديد ترين اي آئي ماڊلز تيار ڪرڻ آهي.

صالح آصف ڪير آهي؟

آمريڪي رسالي فوربز موجب، صالح آصف جو تعلق ڪراچي سان آهي، جتي هن مقامي ڪالج مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد دنيا جي مشهور اداري ميساچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (MIT) ۾ داخلا ورتي.

صالح 2016 کان 2018 تائين انٽرنيشنل ميٿ اولمپياڊ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.

ايم آئي ٽي ۾ پڙهائي دوران هن پنهنجي دوستن سان ملي ڪري Anysphere جو بنياد وڌو، جنهن تحت ’ڪرسر‘ نالي اي آئي ٽول تيار ڪيو ويو.

محض 26 ورهين جي ڄمار ۾ صالح آصف جي ذاتي اثاثن جي ماليت 1 ارب 30 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي وئي آهي، جنهن کيس دنيا جي 3 هزار امير ترين ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.

ڪرسر هن وقت OpenAI ۽ Anthropic جهڙن وڏن ادارن سان مقابلو ڪري رهيو آهي. دنيا جي 50 هزار کان وڌيڪ ڪمپنين جا سافٽ ويئر ڊيولپرز هن وقت ڪوڊنگ لاءِ ڪرسر جو استعمال ڪري رهيا آهن. نومبر 2025 تائين هن ڪمپني جي مجموعي ماليت 29.3 ارب ڊالر هئي، جنهن ۾ اسپيس ايڪس جي دلچسپي بعد هاڻي ٻيڻو اضافو ٿي ويو آهي.

ماهرن جا تاثرات

آئي ٽي جي اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف صالح آصف کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته پاڪستاني نوجوانن کي اهڙن ئي رول ماڊلز جي ضرورت آهي. هي ڪو پراپرٽي ڊيلر يا ٽيڪس چور ناهي، پر ڪراچي جي هڪ متوسط گهراني جو محنتي نوجوان آهي جنهن ڪوڊنگ لکڻ جو انداز ئي بدلائي ڇڏيو.“

پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين بلال بن ثاقب جو چوڻ هو ته صالح جي ڪهاڻي ثابت ڪري ٿي ته پاڪستاني ذهن دنيا ۾ ڪنهن کان گهٽ ناهن، اسان کي صرف هڪ اهڙي نظام جي ضرورت آهي جيڪو مقامي سطح تي ٽيلنٽ کي سپورٽ ڪري.

Share This Article
Leave a Comment