نوشهرو فيروز (محمد عادل عباسي) ڳوٺ پير پانڌهي ۾ گهرو اڻبڻت تان 70 ورهين جي پيرسن محرم راڄپر کي مبينا طور ڏنڊا هڻي قتل ڪيو ويو.
واقعي جي اطلاع تي ڀرياسٽي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين قتل ۾ ملوث مبينا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.


