Focus with Zardari
اهم خبرون

ڪراچي جي ايف سي ايريا ۾ 65 ورهين جي عورت جو تشدد ٿيل ڳلو ڪپيل لاش هٿ

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي شريف آباد واري علائقي ايف سي ايريا بلاڪ 55/15 ۾ سرڪاري فليٽ مان 65 ورهين جي فريده بيگم جو تشدد ٿيل ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو آهي.

پوليس موجب اڻڄاتل جوابدارن پٿر جا وار ڪرڻ بعد ڪٽر سان عورت جو ڳلو ڪپڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس موجب مقتولا 5 ٻارن جي ماءُ هئي، جڏهن ته سندس مڙس گذريل 10 کان 15 سالن کان ڌار رهندو هو.

واقعي جي خبر مقتولا جي ان پٽ کي پئي، جيڪو رات دير سان گهر پهتو ته ماءُ جو رت ۾ ٻڏل لاش ڏٺائين.

- Advertisement -

پوليس لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو، جتي ليڊي ايم ايل او جي غيرموجودگي سبب پوسٽ مارٽم لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو.

پوليس موجب قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment