ڏکڻ وزيرستان ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ چيڪ پوسٽ تي ٿيل حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي خودڪش حملي آور سميت چار دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي حملي کي ناڪام بڻايو. بيان موجب، دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي ذريعي چيڪ پوسٽ جي سيڪيورٽي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فورسز گاڏي کي چيڪ پوسٽ جي حدن کان ٻاهر ئي نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ موجود آپگهاتي حملي آور مارجي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، حملي دوران چيڪ پوسٽ کي ڪو به نقصان نه پهتو، جڏهن ته فرار ٿيندڙ ٽن مبينا دهشتگردن جو تعاقب ڪيو ويو، جيڪي هڪ ويجهي عمارت ۾ لڪي ويا هئا. سيڪيورٽي فورسز آپريشن دوران ٽنهي کي پڻ ماريو ويو.
بيان موجب، سڄي ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز جو ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته علائقي ۾ وڌيڪ مبينا دهشتگردن جي ڳولا لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.


