آمريڪا تي حملا جاري رهندا، زميني جنگ جو انتظار آهي: ايراني سڪيورٽي چيف

2 Min Read

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي سپريم نيشنل سڪيورٽي ڪائونسل جي سربراهه محمد باقر ذوالقدر چيو آهي ته آمريڪا خلاف جاري ڪارروايون ان وقت تائين جاري رهنديون، جيستائين دشمن مڪمل طور هٿيار ڦٽا نٿو ڪري ۽ مناب ۽ ليمرد ۾ ٻارن جي قتل جو بدلو نٿو ورتو وڃي.

ايراني ميڊيا موجب محمد باقر ذوالقدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته خطي ۾ جتي به دونهين جا ڪڪر نظر اچن ٿا، ان جو مطلب آهي ته ڪنهن آمريڪي فوجي، سيڪيورٽي يا مالي مرڪز کي نشانو بڻايو ويو آهي.

هن چيو ته ايراني فوج جا مسلسل ۽ هدفن تي حملا ايراني قوم جي ڪاوڙ جو اظهار آهن، جيڪي عالمي بالادستي جي نظام خلاف جاري رهندا، آمريڪا خلاف زميني جنگ جو انتظار آهي

ايران جو الزام آهي ته مناب ۽ ليمرد ۾ ٿيل حملن ۾ ٻار به مارجي ويا. رپورٽن موجب مناب ۾ ڇوڪرين جي اسڪول تي حملي ۾ وڏي جاني نقصان ٿيو، جڏهن ته ليمرد ۾ اسپورٽس هال کي نشانو بڻايو ويو، جتي والي بال جي مشق ڪندڙ ڇوڪريون موجود هيون. انهن واقعن بابت آمريڪي ذميواري تي مختلف ذريعن ۾ بحث ۽ اختلاف پڻ موجود آهن.

ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملن جي جواب ۾ ايران به ڊرون ۽ ميزائل ذريعي خطي ۾ موجود آمريڪي فوجي هدفن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. موجوده صورتحال ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي.

Share This Article
Leave a Comment