ڪراچي: سرجاني ٽائون ۾ پاڻي جي ٽانڪي مان 2 مهينن جي ٻارڙي جو لاش هٿ، قتل جو شڪ

2 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) سرجاني ٽائون جي سيڪٽر 7/B ۾ جامع مسجد حسنين ڀرسان هڪ گهر جي ڇت تي رکيل پاڻي جي ٽانڪي مان 2 مهينن جي ٻارڙي جو لاش هٿ آيو. فوتي ٻارڙي جي سڃاڻپ نور فاطمه طور ڪئي وئي، جنهن کي ايڌي ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ٻارڙي جي پيءُ محمد علي موجب هو گارمينٽ ڪمپني ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ٻارڙي سندس ٻن ڀائرن مان ننڍي هئي. سندس چوڻ هو ته سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات تقريبن 4 وڳي تائين هو ٻارڙي سان گڏ کيڏندو رهيو، جنهن کانپوءِ سمهي پيو. صبح سندس گهرواري کيس جاڳائي ٻارڙي بابت پڇيو، جنهن تي هن گهر ۾ ڳولا ڪئي پر ٻارڙي نه ملي.

گوڙ تي پاڙيسري به پهچي ويا ۽ ڇت تي رکيل پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڏسڻ جو مشورو ڏنو. ٽانڪي کولڻ تي ٻارڙي جو لاش پاڻي مٿان ترندي نظر آيو، جنهن بعد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻارڙي جي والدين جا بيان ورتا ۽ ٽانڪي جو جائزو وٺڻ بعد ايڌي ايمبولينس ذريعي لاش اسپتال منتقل ڪرايو.

ٻارڙي جي ماءُ پوليس تي الزام لڳائيندي چيو ته لاش اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ دير ڪئي وئي، جيڪڏهن بروقت اسپتال پهچايو وڃي ها ته شايد سندس ڌيءَ بچي سگهي ها.

هن مطالبو ڪيو ته ٻارڙي کي پاڻي جي ٽانڪي ۾ وجهندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته کيس يقين آهي ته سندس ڌيءَ کي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن مبينا قتل ۾ ڪنهن تي شڪ آهي، ان بابت ڪجهه ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment