ڪراچي: ڊفينس تشدد ڪيس، مريم علي رضا ۽ تيمور جي حفاظتي ضمانت منظور

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊفينس واري علائقي ۾ خاندان تي مبينا تشدد جي ڪيس ۾ جوابدارن مريم علي رضا ۽ تيمور جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.

عدالت ٻنهي جوابدارن کي پوليس پاران گرفتاري کان روڪيندي 20،20 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت جوابدارن کي 10 ڏينهن اندر لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

متاثر عورت نورالعين جي فرياد تي ٻنهي جوابدارن خلاف درخشان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment