ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ ڀائيٽي تي مبينا تشدد، 3 جوابدار گرفتار

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي صفوران چوڪ ڀرسان معمولي ٽريفڪ حادثي کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽي جي اسلامي سکيا واري شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر پروفيسر محمد عارف خان ۽ سندس ڀائيٽي محمد وحيد رحمان تي مبينا طور پسٽل جي بٽن سان تشدد ڪرڻ واري واقعي ۾ پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايسٽ زون جي ايس ايس پي زبير نذير شيخ موجب پروفيسر يونيورسٽي وڃي رهيو هو ته جوابدارن جي ڊبل ڪيبن گاڏي ريورس ڪندي سندس ڪار سان ٽڪرائجي وئي.

پوليس موجب حادثي کانپوءِ ڪار جي نقصان جو معاوضو گهرڻ تان معاملو وڌي ويو. پروفيسر جو الزام آهي ته جوابدارن سندس ڀائيٽي تي تشدد شروع ڪيو، جنهن کانپوءِ هٿياربند گارڊ پڻ اتي پهچي ويا ۽ ٻنهي کي مبينا طور مارڪٽ ڪئي.

پروفيسر موجب جوابدار کيس ۽ سندس ڀائيٽي کي زبردستي ويجهي هوٽل تي وٺي ويا، جتي ٻيهر تشدد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا.

واقعي جو ڪيس سچل ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فساد، هٿياربند فساد، غيرقانوني ميڙ، قتل جي ڪوشش ۽ غيرقانوني طور قيد رکڻ جون قلمن شامل ڪيون ويون آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ٽن جوابدارن کانپوءِ واقعي ۾ ملوث ٻين ماڻهن جي گرفتاري لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment