ڪراچي ۾ جنسي تعلق کان انڪار تي زال کي قتل ڪندڙ جوابدار جو رمانڊ منظور

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  پاڪستان بازار ٿاڻي جي حد ۾ 64 ورهين جي هڪ شخص پنهنجي زال جي مبينا قتل جو اعتراف ڪندي پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتوويو آهي.

پوليس موجب جوابدار دعويٰ ڪئي آهي ته هن پنهنجي 58 ورهين جي زال کي لوهه جي راڊ سان حملو ڪري قتل ڪيو. جوابدار جو چوڻ آهي ته واقعو زال پاران جنسي تعلق قائم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ پيش آيو.

پاڪستان بازار ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر احمد علي چانڊيو ٻڌايو ته جوابدار صبح جو ٿاڻي پهتو ۽ قتل جو اعتراف ڪيو. شروعات ۾ پوليس اهلڪارن کي سندس ڳالهه تي يقين نه آيو ۽ ان کي مذاق سمجهيو ويو.

پوليس جوابدار کي ساڻ ڪري اورنگي ٽائون جي علائقي غازي آباد ۾ سندس گهر پهتي، جتي هڪ ڪمري ۾ عورت جو لاش بيڊ تي پيل مليو. لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب جوابدار مبينا آلوءِ قتل پڻ پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو. واقعي کان پوءِ قتل جو ڪيس سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ جوابدار جي پٽن والد خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪيو.

جوابدار کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان کيس ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.

جاچ آفيسر دوست خان موجب ابتدائي تحقيق مان ظاهر ٿئي ٿو ته گذريل ٽن سالن کان مڙس ۽ زال جي وچ ۾ لاڳاپا خوشگوار نه هئا، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس جي مختلف پهلوئن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ حتمي حقيقتون مڪمل تحقيق کان پوءِ سامهون اينديون.

Share This Article
Leave a Comment