ڪڻڪ جي قيمت ۾ واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار، اٽو سستو ڪيو: وڏو وزير مراد علي شاهه

3 Min Read

ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪڻڪ جي مارڪيٽ قيمتن ۾ واڌ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي صوبائي اختيارين کي مارڪيٽ کي منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن واهپيدارن کي اٽي جي قيمتن ۾ مصنوعي واڌ کان بچائي سگهجي.

ڪڻڪ جي مارڪيٽ ۾ استحڪام بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير سرڪاري امدادي قيمت ۽ اوپن مارڪيٽ جي ريٽس جي وچ ۾ وڌندڙ فرق، ۽ ڪڻڪ جي ذخيرو اندوزي جي خطرن جو جائزو ورتو.

 اجلاس ۾ صوبائي وزيرن مڪيش چاولا، سردار محمد بخش خان مھر، ڄام خان شورو، مخدوم محبوب زمان، صلاحڪار گيانچند ايسراڻي، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جميل، سيڪريٽري زراعت زمان ناريجو، سيڪريٽري فوڊ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.

عملدارن وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 31 مارچ 2026 جي سنڌ ڪابينا جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ سال 26–2025 جي فصل لاءِ ڪڻڪ جي خريداري جي شروعات پهرين اپريل 2026 کان ٿيو جنهن جو هدف 10 لک ميٽرڪ ٽن هو. حڪومت امدادي قيمت 3500 رپيا في 40 ڪلوگرام مقرر ڪئي هئي جنهن سان گڏ 50 ڪلوگرام جي ٻوري تي 60 رپيا بارداڻو جي ادائيگي به شامل هئي. هيءَ اسڪيم سنڌ ويلٽ گروئرس سپورٽ پروگرام 2025 جي 332090 مستحقن کي نشانو بڻائي رهي هئي. پر 4 جون 2026 تائين خوراڪ کاتو 10 لک ميٽرڪ ٽن جي هدف جي مقابلي ۾ صرف 79835.66 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪري سگهيو آهي.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گهٽ خريداري جو بنيادي سبب سرڪاري امدادي قيمت ۽ مارڪيٽ ۾ هلندڙ ريٽ جي وچ ۾ فرق هو.

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ موجود آهي پر ڪجهه ذخيرو اندوز مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته ذخيرو اندوزي سڌي ريت صوبائي خوراڪ جي تحفظ ۽ قيمتن جي استحڪام کي نقصان پهچائي ٿي. اسان جي پهرين ذميواري سنڌ جي عوام سان آهي. ڪڻڪ جو دستياب، سستي ۽ محفوظ هجڻ ضروري آهي.

وڏي وزير چيو ته سنڌ جا ماڻهو اسان مان فوري ۽ ذميواراڻي عمل جي اميد رکن ٿا، اسان کين مايوس نه ڪنداسين.

Share This Article
Leave a Comment