اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارت ۾ مقرر آمريڪي سفير سيرجيو گور جي بيان تي سخت احتجاج ڪندي آمريڪي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ڊيمارش ڪيو آهي.
پرڏيهي آفيس موجب آمريڪي سفير پنهنجي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري دوران علائقي کي ڀارت جو ”اهم حصو“ قرار ڏنو، جنهن تي پاڪستان سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
پاڪستان آمريڪي سفير جي بيان کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي، جنهن جي حتمي حيثيت گڏيل قومن جي لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب طئي ٿيڻ گهرجي.
پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته آمريڪي سفير جو بيان آمريڪا جي ڪشمير بابت ڊگهي عرصي کان هلندڙ موقف سان پڻ مطابقت نٿو رکي. پاڪستان آمريڪي ڌر تي زور ڏنو آهي ته ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي نظر ۾ رکندي مستقبل ۾ عوامي بيانن ۾ احتياط ڪيو وڃي.
آمريڪي سفير سيرجيو گور 19 آگسٽ تي ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪيو، جتي هن ڀارتي انتظام هيٺ علائقي جي چيف منسٽر عمر عبدالله سان پڻ ملاقات ڪئي. دوري دوران گور علائقي بابت آمريڪي سفري هدايتن تي نظرثاني ڪرڻ جو به اشارو ڏنو.


