ڪنري (ويب ڊيسڪ): ڪنري ويجهو پنج پُلي ريگيوليٽر ڀرسان سڱاوتي تڪرار خونريزي ۾ تبديل ٿي ويو، جتي جوابدارن جي فائرنگ ۾ راشد آباد واسي نوجوان اقبال پٽ تاج محمد ڪپري قتل ٿي ويو۔
واقعي جي اطلاع ملڻ شرط پوليس جاءِ واردات تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو۔
مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدارن طرفان کين اڳ ئي ڌمڪيون ڏنيون پئي ويون، جنهن بابت ٻه پوليس کي لکت ۾ آگاهه به ڪيو ويو هو، پر ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي وئي۔
وارثن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جيڪڏهن وقت سر قدم کنيو وڃي ها ته اڄ هي افسوسناڪ واقعو پيش نه اچي ها۔ هنن اعليٰ اختيارين کان انصاف ۽ جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي۔
پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو۔


