نوشھرو فيروز ( عادل عباسي) درخان مري پوليس جي ناجائزين خلاف ڳوٺاڻن جو پاڪ ڪتاب کڻي معصوم ٻارڙ ن ۽ عورتن سميت احتجاج
قمرالدين چانڊيو ويجھو درخان مري ٿاڻي جي حد ويسر موري ڀرسان علي اصغر کوسو، علي حسن کوسو، عبدالرزاق کوسو، مسمات حسينا، مسمات جنت کوسو معصوم ٻارڙن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو
ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پاڙي ۾ ويٺل سيد مراد علي شاھ جي نوجوان نياڻي عيد الفطر جي ٽئين ڏينهن گم ٿي وئي، سندس اغوا جو ڪيس دريا خان مري ٿاڻي تي اسان جي 5 ماڻهن مٿان داخل ڪيو ويو آھي.
ھنن چيو ته سيدن ڏي قرآن پاڪ ۽ نياڻيون ميڙ وٺي ويا آھيون، ڇوڪري جي اغوا بابت ڪا خبر نه آھي جڏھن ته مبينا اغوا ڪندڙ جا ڪجھ سهولتڪار پوليس وٽ گرفتار آھي.
احتجاج ڪندڙن دانهيو ته پوليس تنگ پئي ڪري مزدوري تي به نٿا وڃي سگهون ٻچن جو گذر سفر به ڏکيو ٿي ويو آهي.
ڳوٺاڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظر آباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي


