ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) پراڻي پوليس لائنز ۾ ٿيل خودڪش ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ نامعلوم دهشتگردن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي، قتل ۽ قتل جي ڪوشش سميت مختلف قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر موجب فتنه خوارج جي دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي ذريعي خودڪش حملو ڪيو، جڏهن ته ڌماڪي کان پوءِ دهشتگردن فائرنگ پڻ ڪئي. حملي ۾ سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان پهتو.
پوليس موجب ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ 23 ٿي ويو آهي، جن ۾ 16 پوليس اهلڪار ۽ ڪيترائي شهري شامل آهن، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ شهيدن کي پنهنجن اباڻن علائقن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.
واقعي کان پوءِ ضلعي عدالتن ۾ عدالتي ڪارروايون معطل رهيون. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي زخمين جي عيادت پڻ ڪئي.


