ڪوڪين ڪوئن پنڪي ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي، 2 اهم جوابدار گرفتار

1 Min Read

لاهور (ويب ڊيسڪ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪوڪين ڪوئن پنڪي ڪيس ۾ جاچ جو دائرو وسيع ڪندي پنجاب مان 2 اهم جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب گرفتار ٿيل ٻئي جوابدار پرڏيهي آهن، جن جو تعلق نائيجيريا سان ٻڌايو پيو وڃي.
شروعاتي ڄاڻ موجب، گرفتار ڪيل ٻئي پرڏيهي لاهور جي هڪ وڏي ڊرگ نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل هئا ۽ سڄي صوبي ۾ منشيات جي سپلاءِ ۾ ملوث هئا.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اهي گرفتاريون مرڪزي جوابدار عورت ’پنڪي‘ جي موبائل فون مان حاصل ٿيل اهم ڊيٽا ۽ معلومات جي روشنيءَ ۾ ڪيون ويون آهن، جنهن کانپوءِ هن هاءِ پروفائل ڪيس جي جاچ وڌيڪ تيز ڪئي وئي آهي.
اي اين ايف پاران ان نيٽ ورڪ سان جڙيل ٻين جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ پڻ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment