گمبٽ (ويب ڊيسڪ) سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن گمبٽ ۾ ايڇ آءِ وي پکيڙڻ جي الزام هيٺ السادات بلڊ بينڪ ۽ ليبارٽري کي سيل ڪري ان جي انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.
هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فرزند علي پاران داخل ڪرايل ڪيس موجب گمس اسپتال ۾ ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس سامهون اچڻ بعد جاچ لاءِ ٽيم موڪلي وئي. جاچ دوران متاثر ٻارڙن جي وارثن ٻڌايو ته هنن السادات بلڊ بينڪ تان رت حاصل ڪري ٻارن کي لڳرايو هو، جنهن بعد ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تشخيص ٿي.
ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم جڏهن السادات بلڊ بينڪ ۽ ليبارٽري تي ڇاپو هنيو ته اتي مبينا طور ايڇ آءِ وي پازيٽو رت ۽ ٽيسٽنگ ڪِٽون مليون، جيڪي تحويل ۾ ورتيون ويون.
ڪميشن موجب بلڊ بينڪ ۽ ليبارٽري تي ڪو به رجسٽرڊ پيٿالاجسٽ موجود نه هو، جڏهن ته اداري تي ايڇ آءِ وي ڦهلائڻ جي الزام جي مڪمل جاچ جاري آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گمبٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيترائي غير رجسٽرڊ بلڊ بينڪ ۽ ليبارٽريون ڪم ڪري رهيون آهن، جتي طبي ضابطن تي مڪمل عملدرآمد نه پيو ٿئي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه ادارا مبينا طور نگراني ڪندڙ ادارن جي نظرن کان بچي غيرقانوني سرگرميون جاري رکيو ويٺا آهن.
ٻئي پاسي سڄاڻ ڌرين سنڌ حڪومت، صحت کاتي ۽ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن کان مطالبو ڪيو آهي ته غير رجسٽرڊ بلڊ بينڪن ۽ ليبارٽرين خلاف سخت ڪارروائي ڪري عوام، خاص طور ٻارڙن کي ايڇ آءِ وي ۽ ٻين موذي بيمارين کان بچائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.


