Focus with Zardari

گمبٽ: قائم علي شاهه جي پٽن جي نالن تي داخل 28,800 چورس فوٽ سرڪاري زمين جون داخلائون رد

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي پٽن سيد لياقت علي شاهه ۽ سيد اسد علي شاهه جي نالن تي داخل 28,800 چورس فوٽ سرڪاري زمين جون روينيو داخلائون رد ڪيون ويون آهن.

خيرپور تعلقي جي ديهه نظاماڻي ۾ صنعتي علائقي لاءِ مخصوص 258 ايڪڙ سرڪاري زمين مان ٻنهي ڀائرن جي نالن تي 14,400، 14,400 چورس فوٽ جون داخلائون ڪيون ويون هيون. ڪمشنر سکر روينيو ايڪٽ جي قلم 164 تحت فيصلو ڏيندي 5 سيپٽمبر 2007ع جون داخل نمبر 293 ۽ 294 منسوخ ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

فيصلي موجب ڄاڻايل زمين کي ميونسپل ڪميٽي جي رڪارڊ ۾ رهائشي پلاٽن ۽ بلاڪ نمبرن سان ظاهر ڪيو ويو، پر سرڪاري زمين کي رهائشي استعمال ۾ تبديل ڪرڻ بابت ڪا مجاز منظوري، الاٽمينٽ، ليز يا منظور ٿيل نقشو پيش نه ڪيو ويو.

ڪمشنر سکر حڪم ڏنو ته 28,800 چورس فوٽ زمين جي صحيح ماپ ۽ سڃاڻپ بعد ان کي ٻيهر صنعتي علائقي ۽ سرڪاري زمين طور روينيو رڪارڊ ۾ بحال ڪيو وڃي. اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور کي عملدرآمد جي نگراني ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي ڪارروائي صرف ڄاڻايل ٻن پلاٽن تائين محدود رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment