گمبٽ: قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ڪار کي زوردار ٽڪر، 3 ڄڻا فوت

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) قومي شاهراهه تي رسول آباد ڀرسان تيز رفتار ٽرالر ڪار کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار 3 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا.

ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.

پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، جڏهن ته فوت ٿيلن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي. واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment