نوشهروفيروز (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن نوشهروفيروز جي وڪيلن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون مستقيم قريشي، سندس ڪلارڪ غلام شبير کهڙو، عبدالرزاق چانڊيو ۽ ٻين عملي خلاف گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي مبينا طور رشوت طلب ڪرڻ ۽ وڪيلن کي جائز ڪمن لاءِ آفيس جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور ڪرڻ جا الزام هنيا آهن.
سنئير ايڊووڪيٽ يار محمد راڄپر، ايڊووڪيٽ انصار علي عباسي، ايڊووڪيٽ عبدالغفور مري، اڳوڻي سنڌ بار ڪائونسل ميمبر سنئير ايڊووڪيٽ ارباب علي چانڊيو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اي ڊي سي ون ۽ سندس عملي طرفان وڪيلن کان جائز ڪمن لاءِ مبينا طور رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ کين بار بار آفيس جا چڪر ڪٽرائڻ سان گڏ انتظار ڪرايو وڃي ٿو.
وڪيلن جو چوڻ هو ته روينيو جا ڪيس آفيس ٽائيم بدران شام جي وقت هلايا وڃن ٿا، جڏهن ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ڊگهي عرصي باوجود رپورٽون فراهم نٿيون ڪيون وڃن. هنن چيو ته وڪيلن کي آفيس ٻاهران انتظار ڪرايو وڃي ٿو ۽ ويهڻ لاءِ مناسب جاءِ به فراهم نٿي ڪئي وڃي.
وڪيلن ٻڌايو ته انهن سمورن معاملن بابت ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري کي لکت ۾ شڪايت پڻ ڏني وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي لاڳاپيل عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ وڪيلن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ بار نوشهروفيروز جي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري شير محمد اڄڻ چيو ته وڪيل ڀائرن جا مسئلا ٻڌا ويا آهن، جيڪي جائز آهن. هن ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم کان مطالبو ڪيو ته وڪيلن جا جائز مسئلا جلد حل ڪرايا وڃن ۽ معاملن جو نوٽيس وٺي ملوث عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
شير محمد اڄڻ چيو ته وڪيلن کي انفرادي طور گهرائي سندن مسئلا ٻڌي فوري طور حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻڻ سميت سخت احتجاج ڪيو ويندو، جنهن جي ذميواري ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون مستقيم قريشي تي هوندي.


