Focus with Zardari

تلهار: خانگي ڪلينڪ ۾ آپريشن دوران 22 ورهين جي ناري فوت، وارثن جو ڊاڪٽر تي غفلت جو الزام

1 Min Read

تلهار (رپورٽ: صابر حسين لغاري) تلهار ويجهو ڳوٺ بندو ڳاهو جي 22 ورهين جي ناري فرزانا زال شهزاد ڳاهو مبينا طور تلهار جي وارڊ نمبر 5، ميمڻ محلي ۾ قائم خانگي مريم ميڊيڪل ڪلينڪ ۾ آپريشن دوران فوت ٿي وئي.

فوتي ناري جي ماءُ سومري ڳاهو ۽ چاچي فتح محمد ڳاهو الزام هنيو آهي ته ڊاڪٽر سحرش ميمڻ پاران مبينا طور غلط آپريشن ڪرڻ سبب فرزانا جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ هوءَ فوت ٿي وئي. وارثن موجب فرزانا هڪ ننڍڙي ٻارڙي جي ماءُ پڻ هئي.

واقعي کانپوءِ فوتي ناري جي وارثن ايس ايس پي بدين، ايس ايڇ او تلهار ۽ صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي ۽ طبي غفلت ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

ٻئي طرف، آخري اطلاعن تائين ڪلينڪ انتظاميا يا لاڳاپيل ڊاڪٽر پاران واقعي بابت ڪو موقف سامهون نه آيو هو.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment