ڳيريلو (ويب ڊيسڪ) ڳيريلو ڀرسان نوجوان ناري کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جو ڪيس ٽن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
مليل ڄاڻ موجب، ناري عاليا سولنگي جي مبينا اغوا جو ڪيس سندس والد حاڪم علي سولنگي جي فرياد تي مقامي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.
داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ طارق آرائين، عاطف سولنگي ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ناري جي وارثن اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ناري عاليا سولنگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرايو وڃي.
ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون شروع ڪيو ويو آهي.

ڳيريلو ڀرسان نوجوان ناري مبينا اغوا، ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل
Leave a Comment Leave a Comment

