اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت هڪ تاريخي فيصلو ٻڌائيندي بار ايسوسئيشنز ۽ بار ڪائونسلز پاران هڙتالن جي سڏ کي مڪمل طور تي غيرقانوني ۽ آئين جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اهڙيون هڙتالون سائلن جي انصاف تائين پهچ واري بنيادي آئيني حق کي متاثر ڪن ٿيون ۽ ان سان عدالتي نظام تي بار وڌي ٿو.
عدالت جي معزز جج جسٽس عامر فاروق پاران لکيل 20 صفحن جي هن فيصلي ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ان حڪم کي برقرار رکيو ويو آهي، جنهن تحت ٻن وڪيلن جا لائيسنس بحال ڪيا ويا هئا.
هي ڪيس ان وقت سامهون آيو جڏهن خيبرپختونخوا جي هڪ ايس ايڇ او خلاف قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪي پي ڪائونسل پاران وڪيلن کي ان ايس ايڇ او جو ڪيس وڙهڻ کان روڪيو ويو هو.
ان کان سواءِ هڙتال واري ڏينهن عدالت ۾ پيش ٿيڻ تي ايڊووڪيٽ علي عظيم آفريدي ۽ ايڊووڪيٽ شبير حسين گيگياني جا لائيسنس پڻ معطل ڪيا ويا هئا، جنهن کي پشاور هاءِ ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏنو هو.
جسٽس عامر فاروق فيصلي ۾ لکيو آهي ته برصغير ۾ بار ايسوسئيشنز پاران هڙتالن جو رواج عام آهي، پر ان کي قانوني طور تي جائز نٿو رکي سگهجي. جڏهن به هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو آهي ته وڪيلن کي عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان روڪيو ويندو آهي، جنهن جي ڪري سائل پنهنجي وڪيلن کان محروم ٿي ويندا آهن ۽ ڪيس بغير ڪنهن اڳڀرائي جي ملتوي ٿي ويندا آهن.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو عدالتي نظام اڳ ئي ڪيسن جي وڏي انگ سبب ٻوجهه هيٺ آهي ۽ عوام کي انصاف لاءِ سالن تائين انتظار ڪرڻو پوي ٿو، تنهن ڪري هڙتالن ذريعي عدالتي ڪم کي روڪڻ آئين جي خلاف آهي ۽ هاڻي وڪيلن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه هوندي.

وفاقي آئيني عدالت بار ايسوسئيشنن ۽ بار ڪائونسلن پاران هڙتال جا سڏ غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيا
Leave a Comment Leave a Comment

