کپرو (ويب ڊيسڪ) کپرو ڀرسان قاضي موري وٽ نئين نارا ڪئنال ۾ ٻڏندڙ پٽ کي بچائيندي پيءُ ٻڏي ويو.
مليل ڄاڻ موجب، ڳوٺ مجنو جانوري کوڙي وٽ پير ترڻ سبب 12 ورهين جو گل حسن جانوري نارا ڪئنال ۾ ڪري پيو.
نينگر کي ٻڏندو ڏسي سندس پيءُ کيس بچائڻ لاءِ فوري طور تي ڪئنال ۾ ٽپو ڏنو.
پيءُ پنهنجي پٽ گل حسن کي ته صحيح سلامت ٻاهر ڪڍي ورتو پر تيز لهرن جو مقابلو نه ڪندي هو پاڻ اونهي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو.
واقعي واري هنڌ مقامي غوطا خورن پاران ڪئنال ۾ ٻڏي ويل پيءُ جي لاش کي هٿ ڪرڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جڏهن ته متاثر گهر ۾ ماتم متل آهي.

کپرو: نارا ڪئنال ۾ ٻڏندڙ پٽ کي بچائيندي پيءُ ٻڏي ويو، ڳولا جاري
Leave a Comment Leave a Comment

