ڳالهين ۾ اڳڀرائي باوجود ڪهڙن مامرن تي رنڊڪ آهي؟ ايراني پرڏيهي وزير ٻڌائي ڇڏيو

3 Min Read

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڳالهين دوران ڪجهه هاڪاري اشارا ضرور مليا آهن، پر ايران جي يورينيم ذخيرن ۽ آبنائي هرمز جي ڪنٽرول جهڙن اهم معاملن تي اڃا تائين اختلاف برقرار آهن۔

 عباس عراقچي سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي پنهنجي سلسليوار پيغامن ۾ چيو ته موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال باوجود ڳالهين جي عمل بابت محتاط اميد موجود آهي، پر سندس چوڻ موجب سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي۔

هن چيو ته ايران آبنائي هرمز ۾ جهازراني کي منظم ڪرڻ لاءِ هڪ نئين بحري اٿارٽي قائم ڪئي آهي، ۽ هڪ نقشو به جاري ڪيو ويو آهي جنهن مطابق ايران گڏيل عرب امارات ڀرسان سامونڊي حدن تائين پنهنجو ڪنٽرول وڌائي ڇڏيو آهي، جتان گذرندڙ جهازن لاءِ اڳواٽ اجازت لازمي قرار ڏني وئي آهي۔

ايراني پرڏيهي وزير موجب ڳالهين جي عمل ۾ ٻه وڏيون رڪاوٽون سامهون آهن۔ هڪ پاسي آمريڪا فوري طور ايٽمي پروگرام تي ڳالهه ٻولهه چاهي ٿو، جڏهن ته ايران ان کان اڳ 30 ڏينهن جي اعتماد سازي واري مدي تي زور ڏئي رهيو آهي۔ ٻي پاسي آبنائي هرمز ۾ فيس يا ٽول سسٽم لاڳو ڪرڻ بابت ٻنهي ملڪن وچ ۾ سخت اختلاف موجود آهن۔

عباس عراقچي چيو ته ڳالهين جو آخري مسودو تيار ٿي چڪو آهي، پر اهي ٻه اهم نقطا اڃا به ڪنهن حتمي معاهدي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن۔ سندس چوڻ هو ته هن تعطل کي ختم ڪرڻ لاءِ “واضح مؤقف، سمجهوتو ۽ فيصلائتا قدم” ضروري آهن، ۽ هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اهي مسئلا حل نه ٿيا ته صورتحال خطرناڪ ٿي سگهي ٿي۔

ٻئي پاسي ايراني پاسدارانِ انقلاب جي بحريه جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 35 جهاز، جن ۾ آئل ٽينڪر، ڪنٽينر جهاز ۽ ٻيا واپاري سامونڊي جهاز شامل آهن، ايراني اختيارين جي اجازت سان آبنائي هرمز مان گذريا۔ ايراني سرڪاري ميڊيا موجب اهو عمل پاسدارانِ انقلاب جي بحري نگراني هيٺ منظم ڪيو ويو، جنهن کي آبنائي هرمز ۾ جهازراني جي نظام کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو قرار ڏنو پيو وڃي۔

هوڏانهن مارڪو روبيو ايران جي تجويز ڪيل ”ٽول سسٽم“ کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ لاءِ اهڙو قدم قابل قبول نٿو ٿي سگهي۔ سندس مطابق اهو نظام عالمي جهازراني لاءِ خطرو آهي ۽ ان کي غير قانوني قدم سمجهيو ويندو۔

Share This Article
Leave a Comment