ايران تي حملي لاءِ آمريڪا فضائي حدون ناهن گهريون: پاڪستان

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان واضح ترديد ڪندي چيو آهي ته ايران تي حملي لاءِ آمريڪا طرفان پاڪستان جي فضائي حدون استعمال ڪرڻ بابت ڪو به مطالبو سامهون ناهي آيو۔

هفتيوار بريفنگ دوران صحافين سان ڳالهائيندي ترجمان وضاحت ڪئي ته آمريڪا طرفان ايران تي حملي لاءِ پاڪستاني فضائي حدون گهرڻ بابت ڪنهن به درخواست جي ڄاڻ ناهي، ۽ پاڪستان کي اهڙو ڪو مطالبو ناهي ڪيو ويو۔

سنڌ طاس معاهدو بابت ڳالهائيندي ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي پاڻي جي هڪ ڦڙي تي به سمجهوتو نه ڪندو۔

 هن چيو ته ان سلسلي ۾ سمورا قانوني طريقا استعمال ڪيا ويندا۔ سندس چوڻ موجب انٽرنيشنل ڪورٽ آف آربيٽريشن جو فيصلو ڀارت جي اولهندي دريائن تي آبي ڪنٽرول جي حدن کي واضح ڪري ٿو۔

ترجمان وڌيڪ چيو ته سنڌ طاس معاهدي مان هڪ طرفي طور نڪرڻ جي ڪا به شق موجود ناهي۔ هن چيو ته “رن آف ريوَر” کي ڀارتي مفروضن جي تناظر ۾ نٿو ڏسي سگهجي، ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ڪورٽ آف آربيٽريشن جي فيصلي کي اطمينان بخش سمجهي ٿو۔

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته شهباز شريف 23 کان 26 مئي تائين چين جو دورو ڪندو، جتي سندس اعليٰ چيني قيادت سان ملاقاتون ٿينديون۔

هن وڌيڪ چيو ته گڏيل عرب امارات مان پاڪستانين جي بي دخلي بابت الزام بي بنياد آهن ۽ پاڪستان انهن الزامن کي رد ڪري ٿو۔ ترجمان موجب يو اي اي مان پاڪستانين جي جلاوطني بابت انگ اکر وڌائي پيش ڪيا پيا وڃن۔

سندس چوڻ هو ته يو اي اي ۾ پاڪستاني تارڪين وطن جي مجموعي تعداد کي ڏسندي صورتحال کي بهتر نموني سمجهي سگهجي ٿو۔ هن چيو ته 3 هزار پاڪستانين جي جلاوطني مختلف تناظر ۾ آهي ۽ حڪومت ۽ پارليامينٽ جي انگن اکرن ۾ ڪو تضاد ناهي۔ ترجمان ڀارت ۾ “پاڪستاني پنکي” جي دريافت بابت الزامن کي “پاڪستاني ڪبوتر” واري پراڻي داستان جهڙا فرسوده الزام قرار ڏنو۔

Share This Article
Leave a Comment