پنڪي ڪيس جي جاچ ڪير ڪندو؟ عدالت وڏو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جوڊيشل مجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت منشيات فروش انمول عرف پنڪي خلاف منشيات سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ جسماني ريمانڊ بابت لکيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو۔

لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ عدالت چيو آهي ته روپوش رهندڙ ملزمہ انمول عرف پنڪي کي پوليس ڪيس ۾ گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو۔ عدالت موجب ملزمه انمول عرف پنڪي ڪنهن به قسم جي تشدد جي شڪايت نه ڪئي۔

حڪم نامي موجب ملزمه جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته جسماني ريمانڊ ڏيڻ سان ڪو به نتيجو سامهون نه ايندو، تنهن ڪري ملزمه کي عدالتي تحويل ۾ جيل موڪلڻ جي استدعا ڪئي وئي۔

 سرڪاري وڪيلن شڪيل عباسي ۽ حسن محبوب چيو ته ملزمه جو نالو چالان ۾ شامل آهي ۽ هوءَ منشيات جي خريد و فروخت ۾ ملوث آهي۔ انهن موجب ملزمه مختلف رائيڊرن ذريعي منشيات جي سپلاءِ ڪرائيندي هئي، جنهن سبب وڌيڪ جاچ ضروري آهي۔

جاچ آفيسر پنڪي جي هڪ هفتي جي جسماني ريمانڊ جي درخواست ڪئي، جڏهن ته چيو ويو ته ملزمہ اڳ ئي ايس آءِ يو ۾ داخل ڪيس ۾ 22 مئي تائين جسماني ريمانڊ تي آهي۔ جاچ آفيسر پڻ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي۔

گزري ٿاڻي جي ڪيسن بابت عدالت پنهنجي لکيل حڪم ۾ ملزمہ جو 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته جاچ آفيسر ملزمہ کي 22 مئي تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪري۔ عدالت وڌيڪ هدايت ڪئي ته جاچ دوران عورت پوليس اهلڪار جي موجودگي لازمي هجي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر پيش رفت رپورٽ به جمع ڪرائي۔

Share This Article
Leave a Comment