ڪراچي ۾ ويم لاءِ عورت جو آپريشن، آپريشن کانپوءِ خبر پئي ته عورت ڳورهاري ئي نه هئي!

1 Min Read

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ناظم آباد نمبر 3 جي نجي اسپتال ۾ عورت کي ويم جي آپريشن لاءِ داخل ڪري آپريشن ڪيو ويو، پر آپريشن کانپوءِ ٻار نه ملڻ تي وارثن احتجاج ڪيو ۽ جاچ جو مطالبو ڪيو.

اسپتال جي گائني شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر انجم آرا حسن موجب طبي رڪارڊ، معائني ۽ ليبارٽري رپورٽن مان ظاهر ٿيو ته عورت ڳورهاري نه هئي.

ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته عورت فيبروري ۾ پاڻ کي 3 مهينن جي ڳورهاري ٻڌايو هو، پر اسپتال جي الٽرا سائونڊ ۾ حمل جي تصديق نه ٿي هئي.

ڊاڪٽر انجم موجب عورت پاران پيش ڪيل ڪجهه طبي رڪارڊ جعلي هجڻ جو به شڪ آهي، جڏهن ته ڪنهن ٻئي اسپتال جي الٽرا سائونڊ رپورٽ ۾ کيس ڳورهاري ظاهر ڪيو ويو هو.

معاملي جي مڪمل حقيقت جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ئي سامهون ايندي.

Share This Article
Leave a Comment