راولپنڊي ۾ غيرقانوني ڪال سينٽر خلاف ڪارروائي، 28 ڄڻا گرفتار

1 Min Read

راولپنڊي (ويب نيوز): نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) راولپنڊي ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ غيرقانوني ڪال سينٽر کي پڪڙي ورتو، جتان 28 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

اين سي سي آءِ اي اختيارين موجب ڪال سينٽر پرڏيهي شهرين جي نگراني ۾ هلندڙ هو، جتي ٽيليگرام ۽ فيس بڪ تي عورتن جي نالي سان جعلي اڪائونٽ ٺاهي ماڻهن کي دوکو ڏنو ويندو هو.

اختيارين جو چوڻ آهي ته جعلي پروفائلز ذريعي شهرين کان رقم حاصل ڪرڻ سان گڏ اي ڪامرس ۽ سيڙپڪاري جي مختلف اسڪيمن جو لالچ ڏئي به فراڊ ڪيو ويندو هو.

اين سي سي آءِ اي موجب گرفتار ڪيل ماڻهن ۾ 24 مرد ۽ 4 عورتون شامل آهن.

ڪارروائي دوران ڪال سينٽر مان موبائل فون، ڪمپيوٽر ۽ ٻيو سامان تحويل ۾ ورتو ويو، جڏهن ته ڪال سينٽر جي فرار ٿيل ماسٽر مائنڊ کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي ڪارروايون جاري آهن.

اين سي سي آءِ اي موجب گرفتار جوابدارن خلاف پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين لاڳاپيل قانونن تحت ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment