دبئي(ويب نيوز) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي.
ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن سميت وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ٻئي طرف سعودي ولي عهد ۽ مصري صدر وچ ۾ به ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن دوران علائقائي صورتحال، ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ وچ اوڀر ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ملاقاتن ۽ رابطن دوران علائقي ۾ امن، استحڪام ۽ موجوده صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي به غور ڪيو ويو.


