بلاول ڀٽو زرداري پيرس کان لنڊن پهچي ويو، آصفه جي بھ پهچڻ جو امڪان

1 Min Read

لنڊن(ويب نيوز)  پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيرس کان لنڊن پهچي ويو آهي.

ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري لڳ ڀڳ هڪ هفتو آسٽريا ۾ قيام ڪرڻ کانپوءِ پيرس ۾ مختصر ترسيو، جنهن بعد لنڊن پهتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بختاور ڀٽو زرداري به پنهنجي ٻارن ۽ مڙس سان گڏ لنڊن پهچي وئي آهي.

ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ بختاور ڀٽو زرداري لنڊن ۾ پنهنجي والد صدر آصف علي زرداري سان گڏ رهندا.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آصفه ڀٽو زرداري جي به ڪجهه ڏينهن اندر لنڊن پهچڻ جو امڪان آهي.

ذريعن مطابق خاندان جو لنڊن ۾ لڳ ڀڳ هڪ هفتي تائين قيام جو امڪان آهي.

Share This Article
Leave a Comment