Focus with Zardari

بلاول ڀٽو زرداري پيرس کان لنڊن پهچي ويو، آصفه جي بھ پهچڻ جو امڪان

1 Min Read

لنڊن(ويب نيوز)  پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيرس کان لنڊن پهچي ويو آهي.

ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري لڳ ڀڳ هڪ هفتو آسٽريا ۾ قيام ڪرڻ کانپوءِ پيرس ۾ مختصر ترسيو، جنهن بعد لنڊن پهتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بختاور ڀٽو زرداري به پنهنجي ٻارن ۽ مڙس سان گڏ لنڊن پهچي وئي آهي.

ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ بختاور ڀٽو زرداري لنڊن ۾ پنهنجي والد صدر آصف علي زرداري سان گڏ رهندا.

- Advertisement -

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آصفه ڀٽو زرداري جي به ڪجهه ڏينهن اندر لنڊن پهچڻ جو امڪان آهي.

ذريعن مطابق خاندان جو لنڊن ۾ لڳ ڀڳ هڪ هفتي تائين قيام جو امڪان آهي.

Share This Article
Leave a Comment