هالا: اسڪول ۾ شاگردن ۽ استادن تي حملي خلاف فراش برادري جي ماڻهن جو احتجاج

1 Min Read

هالا (عامر علي انڙ) هالا جي تاريخي درسگاهه مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ شاگردن ۽ استادن تي مبينا حملي خلاف فراش برادري پاران هالا پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين ميلاد رضا، حب علي پٽ سڌير، فيصل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي الزام هنيو ته ڏاهري برادري سان تعلق رکندڙ ڪجهه ماڻهو لٺيون ۽ ڪهاڙيون کڻي اسڪول ۾ داخل ٿيا ۽ استادن توڙي شاگردن تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿيا.

مظاهرين جو چوڻ هو ته واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس طرفان ڪنهن به مبينا جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ داخل ٿي حملو ڪندڙ مبينا جوابدارن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، فوري طور ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment