گمبٽ (ممتاز ميمڻ) ڪوٽڏيجي ۾ ملڪيت جي تڪرار تان مبينا طور مامي، سئوٽ ۽ دوست هٿان قتل ٿيل انجنيئر فيصل گلزار ڀٽو جي ماءُ گلشاد ڀٽو خيرپور پوليس جي جاچ تي اعتماد جو اظهار ڪندي پٽ جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
مقتول جي والده جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ علي گل ڀٽو، احد ڀٽو سميت 10 کان 12 ماڻهو سندس پٽ جي قتل ۾ ملوث آهن، جڏهن ته ملڪيت جي معاملي ۾ سندس ڀاءُ مبينا طور دوکي سان کانئس صحيحون پڻ ورتيون هيون.
هن وڌيڪ چيو ته گرفتار جوابدارن کي بچائڻ لاءِ ڪوڙا احتجاج پڻ ڪرايا پيا وڃن.
هن مطالبو ڪيو ته فيصل گلزار ڀٽو قتل ڪيس جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي ۽ قتل ۾ ملوث سمورن ماڻهن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.


