گمبٽ: صحافين سان مبينا ناانصافي خلاف ٿاڻي آڏو احتجاج

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) صحافين سان مبينا ناانصافي ۽ چوري ٿيل سامان واپس نه ڪرائڻ خلاف صحافي برادري پاران گمبٽ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙ صحافين چيو ته سنڌ پريس ڪلب گمبٽ جي صدر ۽ سينيئر صحافي شير محمد ناريجو جي گهر تي حملو ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين صحافين جون چوري ٿيل موٽر سائيڪلون ۽ موبائل فون به اڃا تائين واپس نه ڪرايا ويا آهن.

صحافين ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته معاملن جو فوري نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

صحافي برادري خبردار ڪيو ته مطالبا حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment