تلھار: مبينا اغوا ۽ نڪاح خلاف لنڪ روڊ تي ڌرڻو

1 Min Read

تلھار (صابر حسين لغاري) تلهار ويجهو ڳوٺ ڄامن کوسو ۾ پيار پرڻي تان تڪرار تيز ٿي ويو، سولنگي برادري جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن تلھار لنڪ روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي.

مظاهرين الزام هنيو ته شادي شده عورت سُميرا سولنگي کي مبينا طور رجب کوسو ۽ لقمان کوسو اغوا ڪري نڪاح مٿان نڪاح ڪرايو، جنهن بابت تلھار ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڪارروائي ناهي ڪئي.

مظاهرين چيو ته صبح سندن نوجوانن تي به حملو ڪيو ويو. هنن ايس ايس پي بدين کان نوٽيس وٺي انصاف ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment