خيرپور ناٿن شاهه: معصوم شاگرد جي قتل کي مهينو گذري ويو، جوابدار گرفتار نه ٿيا

1 Min Read

خيرپور ناٿن شاهه (عبدالحميد) ڳوٺ ٻانهو خان لاکير ۾ مهينو اڳ قتل ٿيل پنجين جماعت جي شاگرد ذيشان علي مستوئي جي وارثن قرآن پاڪ کڻي مهران پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو.

مقتول جي وارثن الزام لڳايو ته آفاق لاکير، سوڀل لاکير، فرحان جمالي ۽ محمد علي لاکير فائرنگ ڪري ذيشان کي قتل ۽ علي رضا مستوئي کي زخمي ڪيو، جن خلاف ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي.

وارثن جو چوڻ هو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري، جڏهن ته کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment