حيدرآباد: شيدي ڳوٺ ۾ گٽرن اندر گئس پائيپ لائين جا ٻيهر ڌماڪا، علائقي ۾ ڀاڄ

1 Min Read

حيدرآباد (رپورٽر) قاسم آباد جي شيدي ڳوٺ ۾ انور ولاز ڀرسان گٽرن اندر گئس پائيپ لائين ۾ ٻيهر ڌماڪا ٿيڻ سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، دڪاندار دڪان ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن هليا ويا.

علائقي واسين موجب 3 مختلف هنڌن تي گئس پائيپ لائين مان ڌماڪن سان گڏ باهه جا شعلا به نڪتا. واقعي ۾ هن وقت تائين ڪنهن جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا، جڏهن ته واقعي جون سي سي ٽي وي فوٽيجز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته شيدي ڳوٺ ۾ اڳ به گٽرن اندر سئي سدرن گئس ڪمپني جي پائيپ لائين ڦاٽڻ جا واقعا پيش اچي چڪا آهن، جن ۾ ماڻهو زخمي ٿيڻ سان گڏ روڊ کي به نقصان پهتو هو.

هنن مطالبو ڪيو ته بار بار پيش ايندڙ واقعن جو مستقل حل ڪڍي امڪاني وڏي حادثي کان بچاءَ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment